سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي

سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي

سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي

سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي نامور عالم ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق ۽ تصنيف آهي، جيڪو سنڌي الف- ب، سنڌي صورتخطي ۽ سنڌي خطاطيءَ جي مطالعي کي وڌائڻ خاطر لکيو ويو آهي، ۽ ان سان گڏ سنڌي قلمي ڪتاب، جيڪي زبون ۽ ضايع ٿيندا ٿا وڃن، تن جي مثالي ورڪن کي محفوظ ڪيو ويو آهي. هي دستاويزي رڪارڊ، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ ادب جي مطالعي لاءِ هڪ ڪارائتو ڪتاب آهي.
ڪتاب جي مقدمي ۾ سنڌي ٻولي، سنڌي الف- ب، سنڌي صورتخطي ۽ سنڌي خطاطيءَ جي ابتدا ۽ اوسر تي روشني وڌي وئي آهي ۽ ان سان گڏ خاص تحقيق سنڌي قلمي ڪتابن ۽ سنڌي ليٿو ڇاپن بابت ڪئي وئي آهي ۽ وڏيءَ محنت ۽ ڪوشش سان ڊاڪٽر صاحب کي جيڪي قلمي ڪتاب، دستياب ٿيا، تن جي خاص صفحن جا عڪس هن ڪتاب ۾ بنيادي مواد طور شامل ڪيا ويا آهن. 19هين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ سنڌي ڪاتبن ليٿو ڇاپن لاءِ قلمي ڪتاب نقل ڪرڻ شروع ڪيا، جيڪي سهڻي صورتخطيءَ جي لحاظ کان معياري هئا، انهن مان اهڙن ڪتابن جا عڪس ڏنا ويا آهن، جن جي آخر ۾ ڪاتبن جا نالا به موجود آهن. جيڪي عڪس متن ۾ ڏنا ويا آهن، تن کي جداد جدا موضوعن موجب ورهائڻ بدران هڪ ئي سلسلي موجب ترتيب ڏئي رکيو ويو آهي. رنگين صفحن واري خطاطيءَ جا خاص نمونا ڪجهه ڪتاب جي ابتدا ۾ ۽ ڪجهه آخر ۾ ڏنا ويا آهن. باقي مواد کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ قلمي ڪتابن جا عڪس تاريخ وار ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ ليٿو ڇاپن جا عڪس تاريخ وار رکيا ويا آهن.
هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري، 1992ع ۾ ڊبل ڊيمي سائيز جي 180 صفحن تي مشتمل، بهترين آرٽ پيپر تي ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 500 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو